اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پر??يه?? آفيس چيو آهي ته ايٿوپيا جي پر??يه?? معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد ۾ آهي. دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. پر??يه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايٿوپيا جو پر??يه?? معاملن وارو مملڪتي وزير اڱاري ڏينهن پاڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پر??يه?? معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته ٻئي ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پر??يه?? معاملن واري مملڪتي وزير جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ??ه وفد ۾ ايٿوپيا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا م??مب?? شامل آهن.