راولپنڊي- 10 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته 9 مئي جو ڏينهن هڪ ڪاري باب طور ياد رکيو وين??و، جيڪو ڪم ملڪ جو ابدي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا گروه سياسي لباس اوڙهي ڪري ڏيکاريو آهي، اهڙي ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪ فوج پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنه?? کي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي پر پاڪ فوج جي ذميواراڻي رد عمل ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، اسا?? کي چڱي طرح خبر آهي ته ان جي پويان پارٽي جي ڪجهه شرپسند قيادت جا حڪم،هدايتون ۽ مڪمل اڳواٽ رٿابندي هئي ۽ آهي، ڪنه?? کي به عوام کي اڪسائڻ ۽ قانو?? کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمي?? کي نيب جي پڌرائي موجب ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان قانون موجب حراست ۾ ورتو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کان فورن بعد هڪ منظم طريقي سان آرمي جي ملڪيتن ۽ ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا ويا ۽ فوج مخالف نعريبازي ڪرائي وئي. هڪ طرف ته اهي شرپسند عنصر عوامي جذب?? کي پنهنجي محدود ۽ خود غرض مقصد?? کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان اڀاريندا آهن ۽ ٻئي طرف ماڻه?? کي اکين ۾ ڌوڙ وجهندي ملڪ لاءِ فوج جي اهميت کي به اجاگر ڪندي نه ٿڪجندا هئا جيڪو ٻٽي معيار جو مثال آهي. بيان ۾ چيو ويو ته فوج انتهائي صبر، بردباري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ساک جي به پرواهه نه ڪندي ملڪ جي وسيع مفاد ۾ انتهائي صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو. ناپاڪ رٿابندي تحت پيدا ڪيل ان صورتحال مان اها ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي ته آرمي پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنه?? کي پنهجي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. آرمي جي ميچوئر ريسپانس ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. بيان ۾ چيو ويو ته فوج سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوجي ۽ رياستي ٺڪاڻن ۽ ملڪيتن تي ڪنهن به وڌيڪ حملي جي صورت ۾ شديد رد عمل ڏنو ويندو جنهن جي مڪمل ذميواري انهي ٽولي تي هوندي جيڪو پاڪستا?? کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪڻ چاهي ٿو ۽ هر ڀيري ۽ ڪيترائي ڀيرا ان جو اظهار به ڪري چڪو آهي، ڪنه?? کي به عوام کي اڪسائڻ ۽ قانو?? کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.