اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ترميمي بل 2023ع قومي اسيمبلي جي ??جلاس ۽ اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ رهيو ۽ اتفاق راءِ سان منظور ٿيو، اهو چوڻ درست ناهي ته هن بل جي ??ياري ۾ جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اهي ڪا معنيٰ نٿا رکن، سمورين ميڊيا تنظيمن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولدرز سان بل تي ڊگهي مشاورت ٿي، بل جي ڪنهن به شق تي اعتراض آهي ته اوهان ترميم پيش ڪريو، پيمرا جو مو??ود?? قا??ون پرويز مشرف جي ??ور جو ڪارو قا??ون آهي جيڪو اسان سڀني ڀوڳيو آهي، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ۾ پيمرا چي??رمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، 2002ع جي قا??ون تحت پيمرا جو چي??رمين ڪنهن به چينل کي بند، معطل يا لائسنس رد ڪري سگهي ٿو، هاڻي اهو اختيار ڪائونسل آف ڪمپلينٽ وٽ هوندو جنهن ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي ??ڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو، اجلاس جي ??دارت ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي جا ميمبر 7 آگسٽ تائين پنهنجون ترميمون پيش ڪندا، ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي مشاورت ٿي، قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي ??سٽينڊنگ ڪميٽي ۾ هي بل بحث هيٺ رهيو، ٻنهي اتفاق راءِ سان انهن جي منطوري ڏني، اهو چوڻ درست ناهي ته ان قا??ون تي جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اها ڪا معنيٰ نٿا رکن، هن قانونن تي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ٿي، سموريون لاڳاپيل ميڊيا تنظيمون هن بل ۾ شامل رهيون، هن چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي ??قن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، هن بل تحت ميڊيا هائوسز ٻن مهينن اندر سموريون بقايائون ادا ڪرڻ جون پابند هونديون، خلاف ورزي ڪندڙ ميڊيا هائوسز کي هڪ ڪروڙ روپين تائين ڏنڊ ٿي سگهندو جڏهن ته پيمرا چي??رمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پيمرا چي??رمين جي ??ليڪشن جي ??اري ۾ به مڪمل طريقيڪار ڏنو ويو آهي، وفاقي وزير چيو ته نيوز پيپر ملاز??ن لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، هن پليٽ فارم ذريعي اسان ميڊيا مالڪن کان 14 ڪروڙ روپيا رڪوري ڪري نيوز پيپرز ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ ادا ڪيا. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز لاءِ اهڙو ڪو به پليٽ فارم موجود نه هو، کين ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت جو حق ڏنو ويو آهي، هن چيو ته هن بل تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته ميڊيا هائوس ٻن مهينن اندر پنهنجي ملازمن جون سموريون بقايائون ڪليئر ڪندا، هن چيو ته اهو درست ناهي ته هائوسز کي پگهارن جي ??دائيگي ٻن مهينن ۾ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ٻن مهينن جي ??رط سمورين بقايائن جي ??دائيگي جي ??اري ۾ آهي. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن کي حڪومتي بزنس سان جوڙيو ويو آهي جيڪڏهن ڪو ميڊيا هائوس ٻن مهينن ۾ سموريون بقايائون ڪليئر نٿو ڪري ته ان جا اشتهار جاري نه ڪيا ويندا ۽ خلاف ورزي تي انهن تي هڪ ڪروڙ روپين تائين جو ڏنڊ به لڳي سگهندو، هن چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي اپيل ۽ درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو ويو آهي، ڪميٽي جي ميمبر عرفان صديقي پڇاڻو ڪيو ته ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي وقت سر ادائيگي ڪهڙي طرح يقيني بڻائي ويندي؟ هن چيو ته ميڊيا هائوسز کي پابند ڪيو وڃي ته هو هر مهيني پگهارن جي ??دائيگي بابت پنهنجي ??سٽيٽمنٽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ جمع ڪرائين، جنهن تي وفاقي وزير چيو ته حڪومتي بزنس کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن جي ??دائيگي سان ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن ميڊيا هائوسز پگهارون ادا نه ڪندا ته کين اشتهار جاري نه ڪيا ويندا، هن چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت ڪندڙ جو تعلق جنهن شهر سان هوندو ان شهر جي ڪورٽ مان اسٽي ورتو ويندو، شڪايت ڪندڙ جي ??رخواست خلاف ڪنهن ٻي جي ??هر جي ڪورٽ مان اسٽي نه ورتو ويندو، هن چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع پرويز مشرف دور جو ڪارو قا??ون آهي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي ??ياري ۾ جلد بازي يا تڪڙ کان ڪم نه ورتو ويو، هن بل جي ??ياري تي ڊگهي مشاورت ٿي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ ورتو ويو. هن چيو ته پيمرا جو مو??ود?? قا??ون صرف هڪ ماڻهو کي اختيار ڏي ٿو ته هو جيڪو چاهي ڪري، هي هڪ اهڙو ڊريڪونين قا??ون آهي جيڪو اسان ۽ اوهان ڀوڳيو آهي، ڪميٽي جي ميمبرن ۽ صحافين جي ??عتراضن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان هڪ موقف ٻڌو، اوهان ٻڌايو ته هن بل ۾ ڪهڙيون غلطيون آهن، اوهان ترميمون پيش ڪريو، پيمرا (ترميمي) بل 20 ڏينهن تائين پبلڪ ڊومين ۾ رهيو آهي، ان تي قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي ??سٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث ٿيو، ڪائونسل آف ڪمپلينٽ، پيمرا چي??رمين جي مقرري ۽ ٻن مهينن جي پگهارن جي ??دائيگي بابت اعتراض آهن ته اهي ختم ڪري سگهجن ٿا، اجلا س ۾ ڪميٽي جي ميمبرن چيو آهي ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي اعتراض ڪندڙن پنهنجون ترميمون پيش نه ڪيو، ٿيڻ ته ائين ته گهرجي ها ته اهي پنهنجون ترميمون پيش ڪن ٿا، ان موقعي تي ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد چيو ته بل تي ٻنهي ڌرين جو موقف وٺڻ ضروري هو جيڪڏهن تقابلي نوٽس ملن ها ته ان جو جائزو ورتو وڃي ها، هي هڪ سنجيده ۽ اهم آهي، سينيٽ ۾ به ان تي بحث ڪيو ويندو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 آگسٽ تائين ڪميٽي جا ميمبر پيمرا بل تي پنهنجون ترميمون پيش ڪندا.