بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ منعقد ٿي??دڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ ا??نڊ روڊ فورم (بي آ?? ايف) ۾ شرڪت ڪئي. بي آ?? ايف جي اعليٰ سطحي جي فورم کي ”آزاد عالمي معيشت ۾ رابطن جي اهميت“ جي موضوع تي فورم کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم ٽئين بي آر آئي فورم جي ڪامياب انعقاد تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن گڏيل مستقبل ۽ بيلٽ ا??نڊ روڊ انيشي ايٽوجي عالمي ڪميونٽي جي صدر شي جي ويزن کي ساراهيو جيڪو عالمي رابطي، گڏيل ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي ل??ءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن صدر شي جن پنگ جي منظرعام تي اي??دڙ 8 نقاطي ايجنڊا جي حمايت پڻ ڪئي. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پنهنجي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۾ نوان اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. پاڪستان جي مضبوط اقتصادي ترقي جي ل??ءِ ان جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن سي پيڪ کي ترقي، جدت، روزگار جي ذريعي، سبز معيشت، آزاداڻي ۽جامعيت جي لنگهه جي چيني تجويز جي توثيق ڪئي. نگران وزيراعظم بني نوع انسان کي درپيش مُشڪل عالمي چئ??ينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن ۽ 2030ع جي ايجنڊا تحت حاصل ٿي??دڙ ڪاميابين ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ل??ءِ متفقه عالمي ردعمل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چرپر، توانائي ۽ ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري ڪري اسر??دڙ دنيا ۾ بنيادي ڍانچي جي خال کي ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو.