اسلام آب??د ??? 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني غيرملڪين کي ڪڍڻ جو فيصلو خودمختيار ملڪي قانونن ۽ عالمي اصولن موجب آهي. تر??مان ممتاز زهره بلوچ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) جي هڪ بيان جي جواب ۾ چيو ته اهو فيصلو ??اڪستان جي خودمختيار ملڪي قانونن ۽ لاڳو عالمي قدرن ۽ اصولن موجب آهي. يو اين ايڇ سي آر پاڪستاني عملدارن کي اپيل ڪئي هئي ته پهرين نومبر جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ بدري جو فيصلو ??عطل ڪيو وڃي. تر??مان چيو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو پريس بيان ڏٺو آهي، غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي جو منصوبو (آئي ايف آر پي) ان جي قوميت ۽ اصل ملڪ کان قطعي نظر، پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غيرملڪين تي لاڳو ٿئي ٿو. تر??مان چيو ته پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ يا رجسٽرڊ سمورا غيرملڪي شهري ان منصوبي جي دائري کان ٻاهر آهن. پاڪستان حڪومت انهن ماڻهن جي تحفظ ۽ حفاظت جي ضرورتن جي حوالي سان پنهنجي واعدن کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي ٿي. هن چيو ته لکين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ميزباني ۾ ملڪ جو گذريل 40 س??لن جو رڪارڊ ان جو ثبوت آهي. تر??مان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها تر??يحي معاملن طور تي پائيدار حل جي سلسلي ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪري. هن چيو ته پاڪستان ان مقصد ??ي لاءِ پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.