اسلا?? آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن شهيدن کي ملڪ تي جان نڇاور ڪرڻ تي قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ صدر شهيدن جي ??هر??اتين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم جي خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي قوم شهيدن جي خاندانن جي ٿورائتي رهندي. صدر 6 نومبر تي سندا پل، خيبرپختونخواهه ۾ حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ??رن?? محمد ??سن حيدر جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف عل??ي نائيڪ خوشدل خان، لانس نائيڪ عبدالقدير خان ۽ رفيق خان جي ??هر??اتين سان پڻ رابطو ڪيو. صدر 29 آڪٽوبر تي ضلعي آواران، بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار آصف عمران ۽ سپاهي عرفان عل?? کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي 18 آڪٽوبر تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي فرمان عل?? جي وارثن کي پڻ ٽيليفون ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي، ??هر??اتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.