اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائجيريا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٿيندڙ ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائجيريا سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نائجيريا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون وڌيڪ بهتر ??ڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻو پوند??، نائجيريا آفريقا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نائجيريا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر ??ڻائڻ جا موقعا ڳولڻ گهرجن. اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي حصو آهي. نامزد هاءِ ڪمشنر ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان کي نائجيريا ۾ مقر??ي تي کيس مبارڪباد ڏني.