اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سي پيڪ منصوبن جي تڪميل جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته سي پيڪ منصوبن تي پيشيواراڻي انداز ۾ ڪم جاري آهي، آل پاڪستان چائنيز انٽر پرائيزز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ڪمپنين هيستائين پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ 85 ه??ار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار ڏنو، اطلاعات واري وزارت چائنيز انٽرپرائيزز کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ” سي پيڪ جا 19 سال“ ج?? عنوان سان رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي ڪوششن کي ساراهيندي چي?? ته هي تقريب دنيا جي سامهون چائنيز انٽرپرائيزز پاران پاڪستان ۾ ڪيل اهم ۽ شاندار ڪم کي اجاگر ڪندي. هن چي?? ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ چائينز انٽرپرائيزز جي ڪوششن کي فروغ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته هڪ ڏينهن به اهڙو نٿو گذري جڏهن اسان ميڊيا تي سي پيڪ منصوبن ۾ چائنيز انٽرپرائيز پاران ٿيندڙ اڳڀرائي بابت نه ٻڌندا هجون. چائينز انٽرپرائيزز جنهن پيشيواراڻي مهارت ۽ مستقل مزاجي سان عالمي وبا جي باوجود سي پيڪ تي ڪم جاري رکيو جڏهن دنيا جي اٽڪل هر منصوبي ۾ رڪاوٽون هيون، پاڪستان ۽ چي?? جي حڪومت سان گڏوگڏ عالمي ميڊيا پڻ انهن ڪوششن کي ساراهيو. هن چي?? ته آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي 201 کان وڌيڪ ميمبر ڪمپنين هيستائين پاڪستان ۾ 25 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ 85 ه??ار کان وڌيڪ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو جيڪو سي پيڪ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي گيم چي??جر منصوبي جي تصور جو واضح ثبوت آهي. هن چي?? ته آل پاڪستان چائنيز انٽرپرائيزز ايسوسيئيشن جي رپورٽ ۾ پائيدار ترقي جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جيڪا رڳو موٽرويز ۽ پاور پلانٽس تائين محدود نه آهي پر ماضي ۾ ٿر ۽ گوادر جهڙي نظراندز ڪيل علائقن ۾ مقامي ڪميونٽيز کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ پاران تيار ڪيل ان دستاويزي فلم جنهن ۾ پورٽ قاسم ڪول پاور پلانٽ تي عورتون ڊمپر ٽرڪس هلائي رهيون آهن، جو ذڪر ڪندي چي?? ته هي اها تبديلي آهي جيڪا اسان کي دنيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته گوادر ۾ فقير پرائمري اسڪول ۽ پاڪ چائنا ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ چائنيز انٽرپرائيزز پاران آندل تبديلي جا جز آهن. نگران وفاقي وزير گرين ڊيولپمينٽ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽائيلز، زراعت ۽ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ وڌندڙ تعاون کي پڻ ساراهيو. هن چي?? ته صدر شي جن پنگ جي خصوصي دعوت تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تازو ئي بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪئي، ان دوري دوران ٻنهي ملڪن چي?? پاڪستان اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي لاء?? پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو، اهم مسئلن تي هڪ ٻئي جي لاءِ حمايت کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي اهميت تي زور ڏنو. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته ان فورم ۾ چي?? پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي بي آر آءِ تحت هڪ اهم منصوبي طور تسليم ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين ان جي ترقي کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ هن ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون جن ۾ انفراسٽرڪچر، مائننگ، صنعت، گرين ڊيولپمينٽ، صحت، اسپيس ڪوآپريشن، ڊيجيٽل معيشت ۽ ٻيا شامل آهن. ٻنهي ملڪن علائقائي امن، استحڪام ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاء?? پنهنجي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن چي?? ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي تي زور ڏنو. نگران وفاقي وزير چي?? ته گذريل 70 سالن ۾ دوستاڻي مشاورت ۽ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ٻنهي آئرن برادرز پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ سياسي اتفاق راءِ ۽ گڏيل اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن چي?? ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت گڏيل مفادن جي شعبن ۾ چائنيز انٽرپرائيزز کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. نگران وفاقي وزير چي?? ته اطلاعات واري وزارت جي لاڳاپيل اداري پاڪستان ٽيليوزن، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان اڳ ۾ ئي ميڊيا تعاون کي وڌائڻ جي لاء?? پنهنجي چي??ي ادارن سان منظم فريم ورڪ ۾ مشغول آهن. هن ان موقعي تي سي پيڪ منصوبن ۾ عوامي جمهوريه چي?? جي سفارتخاني جي تعاون ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.