اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ زميندار ايڪشن ڪميٽي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ??ڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ سان ڪاظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم توانائي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ??ڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.