ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل ??رب امارات جو دورو مُڪمل ڪري ڪويت جي سرڪاري دوري تي ڪويٽ سٽي جي لاءِ روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي البطين هوائي اڏي تي گڏيل ??رب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير سهيل م??مد المزروعي ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم کي رخصت ڪيو. ڪويت جي دوري دوران نگران وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد شهزاده شيخ مشعل الا??مد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ ا??مد النواف الا??مد الصباح سان ملاقات ڪندو. جڏهن ته ڪويتي قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ نگران وزيراعظم جي موجودگي ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل ت??اون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ مختلف شعبن جن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل ت??اون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون.