اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ سف??رن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس خميس ڏينهن شروع ٿي وئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سف??رن جي ڪانفرنس ۾ علائقائي نمائندن سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي سف??رن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جي شروعات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي افتتاحي خطاب سان ٿيندي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سف??رن جي ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي باقاعده بحث جي اهميت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سف??رن جي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.