اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي ??سيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي ??سيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ??و، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن قومي ??سيمبلي جو اجلاس طلب ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جي لاءِ قانوني فورمز موجود آهن، قانون جو عمل جاري رهڻ گهرجي، جي??ڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته ان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته ان کي قانوني فورمز سان ئي رجوع ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن نگران وفا??ي وزير چيو ته بلوچستان حڪومت ملڪي قانونن تحت مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مون کي يقين آهي ته ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وفا??ي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت کانسواءِ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ذميواري پڻ مون تي آهي، قومي ??سيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي لاءِ سمري تي منهنجون صحيحون ٿينديون. هن چيو ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو اجلاس طلب ڪيو ويندو. نگران وفا??ي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کانپوءِ 14 ڏينهن جي اندر حتمي چونڊ نتيجا جاري ڪرڻا هوندا آهن، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي ??سيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ??و، چونڊن جي 21 ڏينهن کانپوءِ قومي ??سيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي آخري تاريخ 29 فيبروري آهي، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته آئين تحت قومي ??سيمبلي جو ڪو به ميمبر وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وڙهي سگهي ٿو.