اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ مختلف ادارن جي نئين سر جوڙجڪ، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان چونڊيل حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي ڏئي وڃي رهيا آهيون جيڪا يقيني طور تي عوام ۽ قومي مفاد جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي جڏهن ته ڪابينا چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه حڪومت پاران ”ٽرڪش آرمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اج??اس ٿيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم نگران حڪومت جي مختصر عرصي دوران پنهنجي ڪابينا ۽ سول سرونٽس جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيندي انهن جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ملڪي معيشت کي اڳ کان بهتر حالت ۾ ڇڏ?? وڃي رهيا آهيون، نگران حڪومت جي مختصر وقت ۾ ڪابينا بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته اسان چونڊيل حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي ڏئي وڃي رهيا آهيون جيڪا يقيني طور تي عوام ۽ قومي مفاد جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي سمورن فيصلن ۽ پاليسي سازي ۾ ملڪي مفاد کي سدائين اولين ترجيح ڏني وئي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وفاقي ڪابينا مختلف ادارن جي نئين سر تنظيم سازي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪابينا سيڪريٽري وفاقي بيوروڪريسي پاران نگران وزيراعظم مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي چيو ته ملڪ کي درپيش اهم چئلينجز ۾ توهان پاران ملڪي مفاد ۾ اهم مشڪل فيص??ا ڪيا ويا جن جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي لبنيٰ فاروق ملڪ کي ڊيپوٽيشن تي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم يو) جي ڊائريڪٽر جنرل طور مدي ۾ 9 جون 2023ع کان 8 جون 2024?? تائين واڌ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏ??. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه حڪومت پاران ”ٽرڪش ارمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏ??. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، پاڪستان جي حڪومت ۽ خليفه انٽرنيشنل ايوارڊ فار ڊيٽ پام ا??نڊ ايگريڪلچر انوويشن، گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏ??، ان مفاهمتي ياداشت تحت پهريون پاڪستان انٽرنيشنل ڊيٽ پام فيسٽيول سيپٽمبر 2024?? ۾ منعقد ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ کجور جي پيداوار جو فروغ آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 ۽ 14 فيبروري 2024?? تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي اداراجات بابت ڪابينا ڪميٽي جي 16 فيبروري 2024?? تي ٿيندڙ اج??اس ۾ ڪيل فيصلن ۽ ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 16 فيبروري 2024?? تي ٿيندڙ اج??اس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏ??.