اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ??براهيم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم انور ??براهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم قائد مسلم ليگ (ن) محمد نواز شريف جي لاءِ پڻ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ??براهيم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.