اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار احمد کهڙو چي?? آهي ته ايندڙ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ عوام ۽ ملڪ کي د??پيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چي?? ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪومت به پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته اهي ملڪي ترقي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن، عوا?? انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي حوالي سان هن چي?? ته جيڪو به الزام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن چي?? ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا الزام لڳندا رهندا آهن.