اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود جي قياد?? ۾ ??عودي وفد هلندڙ هفتي اسلام آباد جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ مڪه المڪرمه ۾ ٿيندڙ تازي ملاقا?? ۾ ??ئي ٿيندڙ مفاهمت جي پيروي ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ هو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل صدارت ۾ ٿيندڙ ”سعودي عرب پاڪستان سيڙپڪاري ڪانفرنس“ ۾ ڌرين توانائي، کاڻين جي کوٽائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعميرات، انساني وسيلن جي ترقي ۽ روانگي واپار جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته سيڙپڪاري ڪانفرنس جو مقصد پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ هو. ??ن چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي ?? تزويراتي حصيداري کي وڌائڻ جي ??اء?? سعودي عرب سان پنهنجي تعميري مصروفيتون جاري رکنداسين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??ن چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ وڌندڙ عدم استحڪام تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه ۾ گهيريل ماڻهن جي ??اء?? بنا رنڊڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو.