لاهور-11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اذلان شاهه ها??ي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ها??ي ٽيم جي رانديگرن کي عمده ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته رانديگرن ٽورنامينٽ دوران شاندار ڪارڪردگي ج?? مظ??هرو ڪندي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي، جاپان خلاف به پاڪستاني ٽيم فائنل ۾ بهترين ڪارڪردگي ج?? مظ??هرو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، قومي ها??ي ٽيم سڄي قوم جا دل کٽيا آهن. هن چيو ته ڊگهي وقت کان پوءِ پاڪستان قومي راند جي هن اهم ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي ج??ڪو سٺو سنوڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت راندين خاص ڪري هاڪي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.