اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪ??پشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي بطور ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا جاري ترقياتي منصوبا جن جو ڪم پاڪ پي ڊبليو ڊي جي حوالي ڪيو ويو آهي، انهن جي لاءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان جي صدارت ۾ ٺاهيل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ڪجهه سرڪاري ادارن کي ختم ۽ ڪ??هه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وزيراعظم ڪميٽي کي وڌيڪ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاق?? وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاق?? وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاق?? وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪت?? وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.