اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشور??س محتسب پنهنجي پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن ??يا??ن جو اظهار وف??قي انشور??س محتسب ممتاز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين کي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشورنس ڪليمز جي حل ۾ متاثر پاليسي هولڊرز کي انصاف جي فراهمي ۾ انشور??س محتسب جي ڪ??دا?? بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ته انشور??س محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ايوان صدر ۾ منعقد حلف ب??دا??ي واري تقريب ۾ ممتاز علي شاهه کان وف??قي انشور??س محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.