اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گلوبل ڊيولپمينٽ، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊ??شن جي صدر ڪرس ايلئس ملاق??ت ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ فائونڊيسن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف شعبن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صحت ج?? شعبي خاص طور تي پوليو جي خاتمي جي لاءِ فائونڊ??شن سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.