اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته چين جي گلوبل ڊولپمينٽ اني??يٽ?? جي ذريعي جٽادار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اوڀر وارين قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. گلوبل ڊولپمينٽ اني??يٽ?? ۾ گڏيل ترقي کي هٿي ڏئي دنيا جو مستقبل جوڙڻ جي وڏي صلاحيت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب اهڙو اظهار هن بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ڪوآپ??يش?? ايجنسي جي انتظام هيٺ گڏيل ترقي بابت عالمي ايڪشن واري فورم جي ٻئين اعليٰ سطحي اجلاس کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسرندڙ مل?? عالمي ترقي واري عمل ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن، پائيدار ترقي ۽ صحت جهڙن عالمي چئلينجن کي اوڀر واري نقطه نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته گهڻي ڀاڱي عالمي آبادي اوڀر وارن مل??ن خاص ڪري چين، پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري مل??ن ۾ رهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان، صدر شي جن پ??گ ۽ چين طرفان اوڀر وارن مل??ن ۽ سڄي دنيا جي اڳواڻي ۾ 21 هين صدي ۾ اڳتي وڌڻ جو خواهشمند آهي. چين جي گلوبل ڊولپمينٽ اني??يٽ?? جو مقصد پائيدار ترقي جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ چين گلوبل ڊولپمينٽ اني??يٽ?? تي عمل جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪري چڪا آهن.