اسلام آباد -21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته حڪومت حقدار مريضن جي علاج ۽ معالج جون مفت ۽ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ??رعزم آهي، جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جديد سهولتن سان خطي جي هڪ شاندار ۽ بي مثال اسپتال هوندي. جناح ميڊيڪل اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي من??وبو نواز شريف جي اڳواڻي ۽ اتحادي حڪومت جو جاڙن شهرن لاءِ ئي نه پر ڪي پي ڪي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مريضن لاءِ به تحفو هوندو. هي نرسنگ اسڪولز ۽ جديد ليب ٺهندا، هن چيو ته هن جديد اسپتال ۾ پيچيده مرضن جو علاج ٿيندو. آغا خان فائونڊيشن هن سينٽر جي سموري ڪنسلٽنسي بنا معاوضي ڏني آهي، جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پرنس ڪريم آغا ڪيترن ئي ڏهاڪن کي صحت جي شعبي ۽ پاڪستان جي تعمير ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن ڪامپليڪس لاءِ 600 ڪينال ايراضي رکي وئي آهي، جڏهن ته 200 ڪينال جو ڪمرشل سينٽ?? به هن اسپتال نالي ڪيو آهي. ان جي آمدني اسپتال جي بنجندڙ ٽرسٽ م ويندي. هن چيو ته هي اهو ماڊل آهي جيڪو نواز شريف جاري ڪيو هو ته عام پاڪستاني لاءِ ??فت علاج ٿئي. هن چيو ته تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي هر پاڪستاني جو حق آهي. هن چيو ته پي ڪي ايل آءِ ??ه رڳو پاڪستان پر ڏکڻ ايشيا جي بهترين اسپتال آهي. جڏهن ته هڪ سازش تحت هن من??وبي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پي ڪي ايل آءِ اسپتال جي بورڊ ۾ قابل ترين ماڻهو شامل هئا اهو ختم ڪ??و ويو. هن کي ٽرسٽ مان هٽائي صحت کاتي حوالي ڪ??و ويو. ڪووڊ دوران ان جي سهولتن مان تمام گهڻو فائدو کن??و ويو ۽ هڪ مرڪز بڻيل هو. ان کان اڳ مريض لکين رپيا خرچ ڪري پرڏيهه علاج لاءِ ??يندا هئا. هن اسپتال ۾ هزارين مريضن جو مفت ٽرانس پلانٽ ڪ??و ويو. هن چيو ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ حقدار مريضن کي 100 سيڪڙو مفت علاج جي سهولت مهيا ڪئي ويندي، جڏهن ته سرندي وارن ماڻهن کي علاج جو خرچ برداشت ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ سموريون سهولتون هونديون. هتي ميڊيڪل اسڪول به قائم ڪيو ويندو، هي سينٽر صوبن سان وڌيڪ هم آهنگي ۽ رابطن جو ذريعو هوندو. هتي ايمرجنسي ۾ ايئر ايمبولينس به دستياب هوندي. هن من??وبي لاءِ جيترا به فنڊز گهربل هوندا، اهي مهيا ڪيا ويندا. هن چيو ته هن من??وبي جي هڪ سال ۾ تڪميل جي هدايت ڪئي وئي آهي، هتي 24 ڪلاڪ ڪم هلندو، اهڙي ريت آءِ ??ي پارڪ به هن سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرعاظم چيو ته چيئرمين سي ڊي اي ??لي رنڌاوا هن من??وبي لاءِ ??وري ايراضي فراهم ڪئي، ان جا مشڪور آهيون. اسپتال ۾ اميرن ۽ غريبن کي هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هونديون. هن چيو ته سي ڊي اي ??ي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هن مرڪز جي متاثرين کي ون ونڊو تحت سهولتون ڏين. هن ان کي سندس ايراضي جي مارڪيٽ پرائيز ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ هن من??وبي جي تڪميل جو مشن مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ناهي. ان خواب جي تعمير گڏجي ڪنداسين. هيلٿ ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر مختيار احمد چيو ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جو پهريون مرحلو ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪ??و ويو. هي ڪامپليڪس گهڻ من??لي هوندي، جنهن دوران ان جو ٻيو مرحلو به ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪ??و ويندو. هن ڪامپليڪس ۾ جديد سهولتون هونديون. قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته رڪارڊ مدت ۾ هن ڪامپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکيو پيووڃي، ان جي تعمير سان صحت جون وڌيڪ سهولتون ميسر ٿينديون.