اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير 14 آگسٽ تي ملهائجندڙ آزادي جي تقريبن جي انتظامن تي خي??لن جي ڏي وٺ جي لاءِ سي ڊي اي جو دورو ڪيو. اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 14 آگسٽ کي آزادي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جي انتظامن تي خي??لن جي ڏي وٺ جي لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن سي ڊي اي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رن??اوا سندس شاندار استقبال ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ( آءِ سي ٽي)، ايڊمنسٽريٽر (ايم سي آءِ) ۽ سي ڊي اي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي ”آزادي فيسٽ“ طور ملهائڻ تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ??نهن جو مقصد پاڪستاني عوام ۾ حب الوطني جي جذبي کي زندهه ڪرڻ آهي. هلندڙ سال ”آزادي فيسٽ“ ۾ پرچم ڪشائي، ميوزيڪل ڪنسرٽس، فوڊ فيسٽيول، مختلف پاڪستاني ثقافتن جي نمائش، مختلف شوز، آتش بازي ۽ اسلام آباد جو پهريون ڊرون شو ??امل هوندو. انهن تهوارن کانسواءِ شهر جي خصوصي رن?? روغن تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ??نهن ۾ اسلام آباد جي سرڪاري شو ??نڪر مارگو (MarGo Official Mascot of Islamabad) جي ذريعي براڊنگ، مارگلا جي نمائندگي ڪندڙ ”مار“ ۽ خوشحالي جي علامت ”گو“ شامل آهن. ”آزادي فيسٽ“ کي هڪ ميگا ايونٽ بڻائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز کي مختلف سرگرمين کي اسپانسر ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويندو. جنهن ۾ ميوزيڪل ڪنسرٽس، لائٽنگ جا انتظام، وڻڪاري مهم، تقريبن دوران سٽي برانڊنگ ۽ ڊرون شو ??امل آهن. ايونٽ جي اسپانسرز کي خصوصي موقعا ۽ مفت جڳهه ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن اهي پنهنجي تعاون سان گڏوگڏ انهن جي برانڊ اميج کي پڻ ظاهر ڪري سگه??. ا??لاس چيئرمين محمد علي رن??اوا پاران وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سندس دوري ۽ تعاون تي ٿورا مڃيندي پڄاڻي تي پهتو.