سرينگر- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سرينگر سميت مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي (اڄ) 05 آگسٽ يوم استحصال کي ڪارو ڏينهن طور ملهائين. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 05 آگسٽ 2019 ۾ بي جي پي جي هندو پر??ت حڪومت عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي جي خاص حيثيت ڏيڻ ??ار?? آئين جي قلم 370 ۽ 35 (اي)کي رد ڪري علائقي ۾ فوج کي مقرر ڪيو هو. غير قانوني طور تي نظر بند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احم?? خان جي تصويرن وارا پوسٽر سرينگر جي مختلف علائقن ۾ لڳايا ويا آهن جن ۾ ڀارت جي 05 آگسٽ 2019 ??ار?? غير قانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي، مختلف حريت پسند تنظيمن پاران لڳايل پوسٽرن ۾ 05 آگسٽ 2019 ??ار?? قدم کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مطالبن ۾ قلم 370 ۽ اي 35 جي فوري بحالي، ڪشمير تڪرا?? جو گڏيل قومن موجب حل، سمورن سياسي نظر بندن جي آزادي ۽ ولاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران جاري انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو شامل آهي، پوسٽر واٽس ايپ، ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگ??ام پليٽ فارمز تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.