اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو س??اس?? طريقيڪار جمهوريت ۾ قابل قبول ناهي، اها پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني رياست جي مفادن تي سڌي ريت حملو ڪيو آهي، فوج سڌو چيو آهي ته اها سياست کان ڌار رهڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ جو س??اس?? طريقيڪار ڪنهن به جمهوريت ۾ نٿو هلي سگهي. پي ٽي آءِ پنهنجو طرز عمل تبديل ڪري ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. عمران خان جو س??اس?? طريقيڪار تڪرارن سان ڀريل آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪو غير جمهوري قدم نه کڻندي، فوج فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي سياست کان ڌار رک??و آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ هن وقت ڪو به تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته چين جي حڪومت جو چوڻ آهي ته چ??ني شهرين تي تازو ٿيل حملي جي نتيجي ۾ پاڪ – چين سهڪار متاثر نه ٿيندو، پاڪستان جي ذميواري آهي ته هو چ??ني شهرين جي حفاظت يق??ني بڻائي. هن چيو ته آمريڪا ۽ چين سان سان لاڳاپن ۾ توازن رک?? ڏکيو نه هوندو.