ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي بحريه جو ??ها?? ڪنالياڊا پاڪستان جي خير س??الي واري دوري جي تڪميل کانپوءِ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي بحريه جي ??ها??ن عربي سمنڊ جي اتر ۾ گڏيل پيٽرولنگ ۽ سامونڊي مشقون ڪيون. پاڪ بحريه طرفان جاري بيان موجب انهن مشقن ۾ مختلف سامونڊي آپريشنز سميت غير روايتي خطرن خلاف دفاع، Visit Board Search & Seizure (VBSS) ۽ ايئر ڊفينس مشقون شامل هيون، جن جو مقصد پيشيوراڻي مهارت کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ جي سامونڊي فوج وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ آهي ان کان اڳ دوري دوران ترڪ جي بحريه جي چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزديم جي اڳواڻي ۾ ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪ بحريه جي فيلڊ ڪمانڊرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي ??ور تي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ترڪيه جي بحريه جي ??ها?? جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، هاڻوڪو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي عام ??ور ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ سهڪار کي خاص ??ور تي هٿي ڏيندو.