اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻي جي خلاف ڪامياب ڪارروائي ۽ فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي مارڻ ۽ 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي مٽ??ءَ کي فتنه الخوارج کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات سرگرم عمل ۾ آ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سالميت جي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ ??انسواءِ فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف عمل پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي، دهشتگردي جي لعنت کان ملڪ جي مٽ??ءَ کي پاڪ ڪرڻ جي عزم ۾ پوري قوم ??اڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.