راولپنڊي-09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان م??جد نبوي صلي الله عليه وآله وسل?? جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب م??جد نبوي صلي الله عليه وآله وسل?? جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير جي ايڇ ڪيو پهتو جتي آرمي چيف جنرل عاصم منير معزز مهمان کي ڀليڪار چيو. آرمي چيف م??جد نبوي صلي الله عليه وآله وسل?? جي امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير جي پاڪستان جي دوري کي پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز قرار ڏنو جڏهن ته امام ڊاڪٽر صالح بن محمد البدير جو چوڻ هو ته پاڪستان جو مسلمان دنيا ۾ اهم مقام آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ملاقات دوران شخصيتن طرفان پاڪ سعودي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. م??جد نبوي صلي الله عليه وآله وسل?? جي امام ملاقات جي پڄاڻي تي مسلمان امت جي اتحاد، امن ۽ استحڪام لاءِ دعا ڪئي.