اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف عل?? زرداري تيراه واد?? جي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حمل?? جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سموري قوم دهشتگرد?? جي لع??ت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف عل?? زرداري واقعي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ زخمين جي جلدي صحتياب?? جي دعا ڪئي. صدر مملڪت مادر وطن لاءِ جان جي قرباني پيش ڪرڻ تي شهيدن کي سلام ۽ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت فتنو ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي جهنم تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سموري قوم دهشتگرد?? جي لع??ت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر مملڪت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت آصف عل?? زرداري شهيدن جي بلند درجن ۽ ڪٽنب ڀاتين لاءِ صبر جي دعا گهري.