اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي ??بارڪباد ڏيڻ تي ??ورا مڃيا آهن. هن چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جي ت??مي?? ڪري سگهون ٿا. گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي ??کيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جو ڀائيچارو زندهه آباد. گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??اڪستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي مستقبل جي ت??مي?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ملڪ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.