اسلام ??با?? – 24 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ 28 پاڪستاني زائرين جون ميتون خصوصي جهاز ذريعي جيڪب ??با?? پهچايون ويون جتي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ پرڏيهي آفيس جي را??طا آفيس ڪراچي جي ڊائريڪٽر ج??رل عرفان سومرو ميتون وصول ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايران ۾ 20 آگسٽ تي ٿيندڙ ان بس حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ 16 پاڪستاني زائرين کي به انهي خصوصي جهاز ذريعي واپس آندو ويو آهي. وطن واپسي کان اڳ يزد ايئرپورٽ تي گورنر مهران فاطمي ۽ امام جمعه ميتن کي روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ايراني عملدارن جا ٿورائتا آهيون جو انهن پاڪستاني زائرين حادثي متاثرين کي ريسڪيو ڪيو ۽ انهن جي وطن واپسي ۾ مڪمل م??او??ت ڪئي. هن حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغ??رت جي لاءِ دعا ڪئي.