اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي سفارتخاني بلوچستان ۾ بدتر ۽ بزدلاڻن دهشتگرداڻن حملن جي سخ?? لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جن ۾ موسيٰ خيل ۾ 23 شهرين ۽ قلات ۾ 10 بهادر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي شهادت ٿي آهي. ايران جي سفارتخاني گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ انهن دهشتگرداڻن حملن جي سخ?? مذمت ڪندي چيو آهي، ته اسان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام خاص ڪري انهن ڏک??يل ڪٽنبن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا، جن پنهنجي پيارن ک?? وڃايو آهي. بيان ۾ دعا ڪئي وئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي روحن ک?? جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.