اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي خصوصي ??قر??ب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس ۽ پارليا??ين?? ميمبرن شرڪت ڪئي. ??قر??ب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار پڻ شريڪ ٿيا. جنرل لي چيائو منگ کي پاڪ چين دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ نمايان ??دم??ن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي. ??قر??ب ۾ جنرل لي چيائو منگ جي چار ڏهاڪن جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ان جي نمايان ??دم??ن جو ذڪر ڪيو و??و. ??ن جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر طور تي شهرت ڏني آهي ??يڪو چين ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم آهي. جنرل لي چيائو منگ چين جي ڀرپاسي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت جي لاءِ مشهور آهي. پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان هن پختي عزم سان پاڪ چين فوجي لاڳاپن کي تمام گهڻو مضبوط ڪ??و. ??ندس اڻٿڪ ??دم??ن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي.