اسلام آباد-06 سيپٽمبر (ا?? پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته يوم دفاع ملڪي تاريخ جو هڪ اهم ترين ڏينهن آهي، پا?? فوج سڄي قوم جو فخر آهي. جمعي ڏينهن يوم دفاع جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ هن چيو ته دفاع جو ڏهاڙو پا?? فوج جي بهادري ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. يوم دفاع پا??ستاني فوج جو عظيم ڪارنامو آهي. هن چيو ته ان ڏينهن پا?? وطن جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، 6 سيپٽمبر دشمن کي عبرتناڪ شڪست ملي، يوم دفاع اسان سڀني کي شهيدن جي قربانين ??ي ياد ڏياري ٿو، اسان کي شهيدن جي خاندانن جو خاص خيال رکڻو آهي. ملڪ کي اڄ به دهشتگردي ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادا درپيش آهن، سڄي قوم پنهنجي اتحاد ۽ ايمان سا?? دشمن کي ٻيهر شڪست ڏيندي.