لنڊن-07 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آه?? حڪومت برطانيه لاءِ اڏامون جلد کان جلد بحال ڪرڻ ڪوشش ڪري رهي آه??، پاڪستان برطانيه سان پراڻي حصيداري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفي لاڳاپن جو اصل محور پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني آه??، برطانيه ۾ ترسيل پاڪستاني سڀ کان وڌيڪ واضح، موثر ۽ متحرڪ ٿيا آه?? جيڪي نه رڳو ميزبان ملڪ پر پاڪستان جي ترقي ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. برطانيه ۾ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ برطانيه جي ايوي ايشن اٿارٽي جي تازه ترين ضرورتن موجب اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آه??، ايستائين جو اسان قانونن ۾ تبديلي به ڪئي آه??. هن چيو ته پ??ڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳوڻي حڪومت جي هڪ وزير جي غير ذميواراڻي بيان پاڪستان جي سمورن جهازن کي يورپ، برطانيه ۽ اولهه جي دنيا ۾ گرائونڊ ڪري ڇڏيو. برطانيه جي سرڪاري دوري تي ويل نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته حڪومت پاڪستان ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاري ۽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپور?? جي آئوٽ سورسنگ جا وڌيڪ قدم کڻي رهي آه??. هن ٻڌايو ته اهو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آه?? ۽ اميد آه?? ته اهو ايندڙ مهيني جي 10 تاريخ تائين مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته پ??ڪستان برطانيه سان پراڻي حصيداري کي انتهائي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفي لاڳاپن جو اصل محور پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني آه??. هن چيو ته مون کي يقين آه?? ته برطانيه ۾ ترسيل پاڪستاني سڀ کان وڌيڪ واضح، سڀ کان وڌيڪ موثر ۽ متحرڪ ثابت ٿيا آه?? جيڪي نه رڳو ميزبان ملڪ پر پاڪستان جي ترقي ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته برطانيه ۾ ترسيل پاڪستاني برادري برطانيه ۾ اوورسيز برادري ۾ سياسي طور تي متحرڪ برادري پڻ آه??. سال 2013ع ۾ ملڪ جي بدترين معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته وڏا عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي معيشت کي سياسي طور تي غير مستحڪم ملڪ قرار ڏئي رهيا هئا ۽ 6 مهينن اندر ڏيوالو نڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪري رهيا هئا. معاشي ڌٻڻ مان نڪرڻ ۾ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ وقت لڳڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي، تنهن هوندي به اقتدار ۾ اچڻ جي صرف ڏيڍ سال بعد مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪي معيشت درست رخ تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آه??. هن ٻڌايو ته ناڻي واڌ ڊبل ڊجٽ کان صرف 2 سيڪڙو تائين واپس اچي وئي آه??، جڏهن ته جي ڊي پي اوسر 6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آه??. هن چيو ته پ??ڪستان ايشيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ دنيا جي پنجين بهترين اسٽاڪ مارڪيٽ بڻجي وئي آه??. هن چيو ته 2017ع تائين پاڪستان 24 هين عالمي معيشت بڻجي ويو هو، 2018ع کانپوءِ جي دور ۾، آيل حڪومت جي خراب حڪمراني جي نتيجي ۾ 2022ع ۾ درجو 47 تائين ڪري پيو، جيڪو ملڪ جي معيشت جو سڀ کان افسوسناڪ حصو آه??. دهشتگردي جي حوالي سان نائب وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ معيشت، انتهاپسندي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٽي سڀ کان وڏا چئلينجز هئا جن تي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي محنت ۽ دانشمنداڻي پاليسين جي ڪري ضابطو آندو. نائب وزيراعظم 2022ع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت طرفان پاليسي ۾ تبديلي تي مايوسي جو اظهار ڪيو جنهن سبب تشدد ۽ دهشتگردي ملڪ ۾ واپس آئي. هن چيو ته پ??ڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت طرفان افغانستان ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ 102 خطرناڪ جوابدارن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويو جيڪي مالاڪنڊ ۾ اسڪول جي ٻارن جي قتل ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي ۾ ملوث هئا. نائب وزيراعظم ۽ وفاقي وزير اسحاق ڊار ملڪ مان دهشتگردي کي ٻيهر پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو.