اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي بيلسٽڪ ميزائيل پروگرام سان مبينه ر??بط?? تي واپاري ادارن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي کي متعصباڻو ۽ سياسي محرڪ قرار ڏي ٿو. پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام سان مبينه ر??بط?? تي واپاري ادارن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي بابت ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ماضي ۾ به واپاري ادارن جي اهڙي طرح جون فهرستون رڳو شڪ ۽ شبهن تي ٺاهيون ويون هيون، ان ۾ اهڙيون شيون شامل هيون جيڪي ??نه?? به ايڪسپورٽ ڪنٽرول رجيم طرفان فهرست ۾ شامل نه هيون ۽ پوءِ به انهن کي وسيع ۽ سخت شقن تحت حساس سمجهيو ويندو هو. اها ڳالهه سڀني کي خبر آهي ته ڪجهه ملڪن ايٽمي ??دم پکيڙ جي اصولن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي پنهنجي پسنديده رياستن کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي لاءِ لائسنسنگ جون شرطون آساني سان ختم ڪري ڇڏيون آهن. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جا ٻٽا معيار ۽ امتيازي طرز عمل ع??لم?? ??دم پکيڙ حڪومتن جي ساک کي ڪمزور ڪن ٿا، فوجي ??دم مساوات ۾ اضافو ڪن ٿا ۽ ع??لم?? امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهن ٿا.