??سل??م آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين 12 ربيع ??لا??ل جي ??با??ڪ ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلم اُمت کي ??با??ڪبون پيش ڪندي چيو آهي ته ??سل??م جي حقيقي تصور کان روشناس ٿيڻ لاءِ اسان کي سيرت طيبه صلي الله عليه و??له و??لم کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. مسلم اُمت کي درپيش مسئلن، ڏڦيڙ، نفرتن ۽ ناانصافين جو واحد حل سيرت طيبه صلي الله عليه و??له و??لم ۾ موجود آهي. حضور صلي الله عليه و??له و??لم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، انسانيت جي هر ڏُک جو علاج ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه و??له و??لم جي ڪامل تابعداري ۾ لِڪل آهي. 12 ربيع ??لا??ل جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و??له و??لم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشين ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي، الله تعاليٰ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪليو. الله تعاليٰ اسان کي حضرت خاتم النبيين صلي الله عليه و??له و??لم جو اُمتي هئڻ جو شرف بخشيو، حضور اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم رنگ، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان مٿاهون ٿي هڪ اُمت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم اهڙي فلاحي رياست قائم ڪئي جنهن ۾ امير ۽ غريب جا حق برابر آهن. پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم ڪيترن ئي سالن کان جنگ ڪندڙ قبيلن کي رياستِ مدينه جي فلاحي نظم جو حصو بڻايو جنهن سان هڪ عالمگير مساوات، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشرو جڙيو. نبي اڪرم صلي الله عليه و??له و??لم جي تعليمات ئي اڄ جي ڏينهن سڀ کان وڏو فلسفو آهي، اسان کي پنهنجي آقا حضرت محمد صلي الله عليه و??له و??لم جي تعظيم سان سندن تعليمات کي حقيقي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ان ڳالهه جو عهد ڪريون ته جيڪو رس??و پاڻ سڳورن صلي الله عليه و??له و??لم اسان کي ڏيکاريو ان رس??ي تي هلنداسين ته جيئن اسان معاشري ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائي سگهون جنهن سان دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ماڻي سگهون.