اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ??يس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بينچ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر علي ظفر دليل ڏنا، جڏهن ته بعد ۾ هن بينچ جي جوڙج?? تي اعتراض واريندي ٻُڌڻيءَ جو حص?? بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پ پ طرفان فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا. چيف جسٽس نظرثاني اپيل جو فيصلو ٻُڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نظرثاني اپيل گڏيل طور تي منظور ڪئي وڃي ٿي، ??يس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي ??يس تي جسٽس مظهر علي عالم جو اختلافي نوٽ 30 جولاءِ تي آيو، جڏهن ته بينچ جي اڪثريت تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيو، جسٽس مظهر عالم کي پنهنجي ذميداري?? جو احساس هو. جسٽس جمال خان مندو خيل ريمارڪس ڏنا ته اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ ۾ فرق آهي، ڇا آئين ۾ ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ جو فرق لکيل آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻُڌايو ته آرٽيڪل 63 اي تي فيصلو تڪرارن سان ڀرپور آهي، هڪ طرف چيو ويو ووٽ بنيادي حق آهي، گڏوگڏ ئي بنيادي حق پارٽي جي هداي?? تي ختم به ڪري ڇڏيو. پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته حسبه بل ??يس موجب ريفرنس تي راءِ جنهن گُهري ان تي راءِ جي پابندي لازم آهي. چيف جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن صدرِ مملڪت راءِ تي عمل نه ڪري ته ڇا ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالت صدرِ مملڪت خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. فاروق ايڇ نائيڪ انڪاري ميمبر بابت پي ٽي آءِ جي عائشه گلالئي ??يس جو حوالو ڏنو. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 63 اي ??يس ۾ اقليتي جج?? جو فيصلو پهرين جاري ٿيو. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ??يس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي گڏيل طور تي نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.