اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايڊيشنل ??رڏ??هي سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائچ افغانستان بابت ماسڪو فارميٽ ڪنسلٽيشنز جي ڇهين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اها ڳالهه ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ماسڪو فارميٽ جي ملڪن گڏيل بيان ۾ افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگ??د ۽ عليحدگي پسند گروپن پاران عالمي ۽ علائقائي استحڪام کي لاحق خطرن جو ذڪر ڪيو. هن ان ضرورت تي زور ڏنو ??ه افغانستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع قدم کڻي ۽ پنهنجي سرزمين ??ي پاڙيسري ملڪن ۽ وسيع خطي جي خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي.