اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيڪس ڏيندڙن کي انڪم ٽيڪس گوشوارا 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايف بي آر ترجمان سماجي راب??ن واري ويب سائٽ ايڪس تي هڪ پيغام ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي انڪم ٽيڪس گوشوارا 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ترجمان چيو ??ه گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي موبائل سم ۽ يوٽيلٽ?? خدمتون ڪاٽيون وينديون.