اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو گولي هل??ئڻ ۽ لاش ڪير??ئڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هل??ئڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهر??ئڻ جو اعلان آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي گولي هل??ئڻ جي بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير گارگند کان هاڻي گولي هل??ئڻ تي اچي ويو آهي، ان سان هو پنهنجو نقصان ڪندو، ڪنهن ٻئي جو نه. پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو ڪو به بيان، ڪو قدم ۽ ڪو به رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي. هنن ڪڏهن به ائين ناهي چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار، معاشي بهتري جي ميدانن ۾ مقابلو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀ??ائي جي منصوبن جو انقلاب آڻيو، ڪي پي ۾ ڪرپشن ۽ نا اهلي جي انتها ٿي چڪي آهي، اصل مقابلو اهو هو ??ه وفاق ۽ پنجاب وانگر بجلي جي صارفين کي ڪي پي ڪي حڪومت پنهنجي صوبي ۾ رليف ڏئي ها، اصل مقابلو اهو هو ته اسپتالن، درسگاهن جي تعمير سان عوام جي خدمت جو ڪو رڪارڊ ٺاهين ها. هن چيو ته چين جي صدر جي دوري کي ڌرڻن سان ناڪام بنائيندڙ هاڻي ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي وري ڏڦيڙ ڦهل??ئڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ڊفالٽ جي ڪناري تي پهچائيندڙ پي ٽي آءِ کي تڪليف اها آهي ته پاڪستان معاشي بحالي جي راهه تي ڇو هلي رهيو آهي، عوام کي تيز ترين مهانگائي سان تڪليف ڏيندڙن کي تڪليف آهي ته مهانگائي 32 سيڪڙو کان 9.6 سيڪڙو تي ڇو آئي آهي. هن چيو ته گارگند، گولي ۽ بندوق سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي ۽ نه ئي بيروزگاري، 11 سال کان ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي ڦر لٽ جو اڏو ٺهيل آهي. هن چيو ??ه وزيراعظم شهباز شريف فلسطيني عوام جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان تي تڪليف ٿي رهي آهي.