اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 26 هين آئين?? ترميم جي من??ور?? کي قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو انتهائي شاندار مثال قرار ڏيندي چيو آه?? ته 26هين آئين?? ترميم سان محلاتي سازشن جو عهد ختم ٿيو آه?? ۽ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خواب پورو ٿي ويو، آئين?? ترميم جي ذريعي جمهوريت جي مٿان خطرا ختم ٿي ويا آه??، پارليامينٽ جي اندر اڳواڻن ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آه??، آئين?? ترميم پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، ملڪ جو مستقبل مضبوط ۽ محفوظ هوندو، ترميم سان لکين ماڻهن کي انصاف حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. قومي اسيمبلي مان 26هين آئين?? ترميم جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان من??ور?? کانپوءِ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ پارٽين جي سربراهن جي سيٽن تي وڃي سندن ٿورا مڃڻ کانپوءِ ايوان ۾ ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آه?? ۽ قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جو اعليٰ مثال آه??. اڄ هڪ نئون سج اڀرندو ۽ نئين صبح ٿي آه??. ماضي ۾ محلاتي سازشن جي ذريعي چونڊيل وزيراعظمن کي گهر موڪلڻ جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويو آه??. ان آئين?? ترميم سان انصاف حاصل ڪرڻ آسان ۽ عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي ۾ دير نه ٿيندي. وزيرا??ظم چيو ته اڄ 2006ع ۾ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ٿيندڙ ميثاق جمهوريت جو اڌورو خواب تڪميل تي پهتو آه??، اڄ ڪنهن منحرف ميمبر ان ترميم جي حق ۾ ووٽ ناهي وڌو، اسان تي طرح طرح جا الزام هنيا ويا، اڄ طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ بالادست آه??. هن چيو ته ماضي ۾ پاناما جي نالي تي اقامي جي بنياد تي هڪ وزيرا??ظم کي نااهل قرار ڏنو ويو. هن صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيرا??ظم نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، چوڌري سالڪ حسين، عبدالمالڪ بلوچ، اعجاز الحق، خالد مگسي، عبدالعليم خان سميت آئين?? ترميم جي حمايت ڪندڙ سمورن اڳواڻن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙ?? ترميم سان ملڪ جو مستقبل محفوظ ٿيندو. هن بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت ۽ ميان نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان جو بنياد رکيو. وزيرا??ظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ان ترميم جي لاءِ بي پناهه محنت ڪئي، مولانا فضل الرحمان پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ ان تي پنهنجو موقف ڏنو. هن نائب وزيراعظم، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير کي پڻ مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف به ان ترميم ۾ شامل ٿئي ها ته سٺو هو. هن اسپيڪر ۽ سندس اسٽاف جا به ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم سمورن قومي اسيمبلي جا ٿورا مڃيندي ان ترميم کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو.