اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي ??اء?? مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي نظريي کي مشعل راهه بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ?? عوامي ڀلائي جي ??اء?? بيگم نصرت ڀٽو جي مشن تي ڪاربند رهنداسين. صدر مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن آمر جي خلاف عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي جي ??اء?? ڊگهي جدوجهد ڪئي. صدر بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوريت جي ??اء?? قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۾ سندس خد??تون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي قيادت فراهم ڪئي، جمهوريت جي ??اء?? سندس قربانين ۽ سياسي خد??تن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمراڻي حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو، هوءَ مادر جمهوريت ۽ عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي. آصف علي زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو سياسي بصيرت رکندڙ ۽ مدبر اڳواڻ هئي، هن عورتن جي خودمختياري ۽ سياست ۾ انهن جي شموليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ تي سندس مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.