اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته ٽين ملڪ گير پوليو جي روڪٿام واري مهم جاري آهي، سڄي ملڪ ۾ 4.5 ڪروڙ کان ??ڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. پوليو ورڪرز 3 نومبر تائين سڄي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر گ??ر وڃي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جا بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي پختي عزم سان ??اڪستان ??وليو پروگرام گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪئي هئي جنهن جو اڱاري ڏينهن ٻيو ڏينهن هو. ان ??هم جو هدف سڄي ملڪ ۾ 4.5 ڪروڙ ٻارن تائين پهچ حاصل ڪرڻ آهي. سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم 28 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا ويندا. ان کان علاوه ٻارن جي قوتِ مدافعت مضبوط ڪرڻ لاءِ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏني ويندي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پوليو پروگرام وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ ٻارن کي پوليو سبب ٿيندڙ معذوريءَ کان ??حفوظ رکڻ لاءِ نئين جذبي ۽ عزم سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻارن جي ويڪسينيشن کي ترجيح ڏين. هن چيو ته وائرس 71 ضلعن ۾ ڦهلجي چڪو آهي ۽ اهو هڪ حقيقي خطرو آهي. والدين طور اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان ??نهنجي ٻارن جو تحفظ يقيني بڻايون. ان ??وقعي تي پوليو جي روڪٿام بابت قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر ڪئپٽن (ر) محمد انوار الحق والدين تي زور ڀريو ته هو پوليو ورڪرز سان ??ڪمل سهڪار ڪن. هن چيو ته پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي، جيڪڏهن پوليو ويڪسين ڪرائي وڃي ته اسان ??نهنجي ٻارن کي ان ??وذي مرض کان ??حفوظ رکي سگهون ٿا. پوليو مهم دوران ۽ بعد ۾ صحت تحفظ هيلپ لائن 1166 ۽ 24 ڪلاڪ واٽس ايپ هيلپ لائن 03467776546 والدين ۽ ٻين جي رهنما??يء?? لاءِ دستياب رهندو. هتي نه صرف پوليو ويڪسين کان ??حروم رهجي ويل ٻارن جو اطلاع ڏئي سگهبو پر ٻي ڄاڻ به حاصل ڪري سگهبي.