اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪن??ري ڊائريڪٽر ايمافين جي سربراهيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير پ??ڪس??ان جي توانائي جي شعبي ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان پي پي ايم سي ۾ هڪ ٽيم ??يا?? ڪري رهيا آهيون جيڪا پاور ڊويزن کي پاليسي رهنمائي فراهم ڪندي، اي ڊي بي جي سهڪار سان صحيح ڪم ڪرڻ لاءِ صحيح ماڻهن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان اڳ ان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي ترقياتي ڀائيوارن ??رف??ن ان ۾ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. اي ڊي بي جي ڪن??ري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته بئنڪ جي سيڙپڪاريءَ جو وڏو حصو توانائي جي شعبي جي مختلف منصوبن خاص طور تي ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. ايمافين چيو ته توانائي جو شعبو پ??ڪس??ان جي معاشي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ٿو، اي ڊي بي پ??ڪس??ان ۾ نجي شعبي جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪن??ري ڊائريڪٽر چيو ته اي ڊي بي پ??ڪس??ان جي توانائي جي شعبي جي پائيداري، جديديت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پاور ڊويزن ??رف??ن جاري پڌرائيءَ موجب پ??ڪس??ان ۽ اي ڊي بي ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به گڏيل صلاح مشوري سان توانائيءَ جي شعبي جي ترقي ۽ ٻين اهم منصوبن تي سهڪار جاري رکندا.