اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي ڪا گنجائش ناهي ۽ اهو انسانيت جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته هڪ مهذب ۽ بهتر معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورتن کي برابر حق ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. اسپيڪر عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ??لڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، کين بااخ??يا?? بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. سردار اياز صادق سمورن ??سٽ??ڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو عورتن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ پارليامينٽ عورتن جي تحفظ ۽ کين بااخ??يا?? بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قانون منظور ڪيا آهن. پارليامينٽ ۾ قائم وومين پارلياماني ڪاڪس عورتن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسپيڪر عورتن خلاف تشدد جي خات??ي لاءِ شعور ??جاگر ڪرڻ ۽ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڀريو جتي عورتون عزت، تحفظ ۽ برابري سان زندگي گذاري سگهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي ۽ کين سماجي ۽ معاشي طور ??ااخ??يا?? بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي ڪردار کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.