اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادا??ن جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ 24 نومبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ فسادن جي جاچ جي ??اءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اقتصاد?? معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته انتشار ڦهلائيندڙن بيلاروس جي صدر جي ??اڪستان جي دوري دوران ملڪ جي گادي واري شهر تي چڙهائي ڪئي جيڪا اسان جي ??اءِ شديد شرمندگي جو سبب بڻي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انتشار ڦهلائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي تي اڳڀرائي جو هفتيوار جائزو ورتو و??ند??. هن هدايت ڪئي ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪندڙن، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادا??ن جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪندڙن کي قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجوده دور جي گهرجن موجب عالم?? معيار جي ??سادن جي خلاف فورس جوڙي و??ند??، اسلام آباد سيف سٽي ۾ فارنزڪ ليب شامل ڪري ان کي عالم?? معيار موجب بڻايو و??ند?? ۽ ان جي ??اءِ ضروري وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته واردات جي ??وقعي تان هٿيار، فائرنگ جي ??تيجي ۾ ملندڙ ڪارتوس ۽ خول ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا ثبوت فارنزڪ جي ??اءِ موڪليا ويندا، واردات جي ??وقعي تي موجود فسادين جي سڃاڻپ جو عمل به تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سڃاڻپ کانپوءِ سمورن فسادين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو و??ند??.