اسلام آباد-26 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شهرين کي جديد سهولتون ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ پاسپورٽ اينڊ اميگ??يش?? هيڊ ڪوارٽرز جي عمارت ۽ اسلام آباد ريجنل پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير اعلان ڪي?? ته اسلام آباد ريجنل پاسپورٽ آفيس هاڻي 24 ڪلاڪ کليل رهندي. هن ٻڌايو ته ملڪ جي 14 شهرن ۾ نادرا جا7/24 ميگا سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جتي شهرين کي پاسپورٽ ٺهرائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.محسن نقوي چ??و ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ماڊل پاسپورٽ سينٽر ٺاهيا ويندا.هن ٻڌايو ته هاڻي پاسپورٽ بيڪ لاڪ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي ۽ شهرين کي مقرر وقت ۾ پاسپورٽ فراهم ڪيا ويندا. گهرو وزير چيو ته پاسپورٽ جو ڇهه/ڇهه مهينن جو بيڪ لاڪ هوندو آهي. هن ڪراچي ۽ لاهور جي تازن دورن جو ذڪر ڪندي چ??و ته پاسپورٽ ۽ نادرا سينٽرن ۾ رش کانسواءِ خدمتون فراهم ڪي??ن پيون وڃن ۽ عوام انهن خدمتن تي اطيمنان جو اظهار ڪي?? آهي.محسن نقوي چ??و ته ايف آءِ اي پاسپورٽ آفي?? ٻاهران موجود ايجنٽ مافيا خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي. هن ڊي جي پاسپورٽ ۽ ٻئي عملي جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي کين مبارڪون پيش ڪي??ن. افتتاحي تقريب ۾ چيئرمين نادرا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افضل، رفعت مختار راجا، چيف ڪشنر اسلام آباد محمد علي رنڌوا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. گهرو وزير پاسپورٽ پروڊڪشن جي نون سيڪشنن جو پڻ دورو ڪي?? ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ عملي کي اعزازي شيلڊ ۽ روڪ رقم انعام طور ڏني.