اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) مذهبي معامل?? ۽ ??ين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي ۽ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، مذهبي معامل?? ۽ ??ين المذاهب هم آهنگ واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، امن جي قيام ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان ۽ مصر تاريخي، ??ذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن زور ڀريو ته مسلم مل??ن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ وحدت کي هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ مذهب?? ۽ ??هذيبن وچ ۾ ڳالهين جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ۽ مصر کي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳالهين ذريعي دنيا ۾ مذهبي هم آهنگي، ام?? ۽ ??رداشت ??ي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ??لاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر سان اقتصادي، ??اپاري، ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مصر جي مفتي اعظم چيو ته مسلمان امت کي دهشتگردي جا خطرا درپيش آهن جنهن جي ازالي لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??صري مفتي اعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمن کي مصر موڪلي ته جيئن اهي دنيا جي قديم ترين درس گاهه جامعه الازهر جي تجرب?? ۽ ??عليم مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته موجوده دور جي علم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامعه الازهر جو پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ??فاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جامعه الازهر جي پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، ??لاقات ۾ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.