اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته ??وشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا زندگي جي هر شعبي جي ترقي جو لازمي حصو بڻجي چڪا آهن، اي پي پي جي سوشل اينڊ ڊيجيٽل ميڊيا سيڪشن مختصر عرصي ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، هن اداري کي جديد رخن تي قائم ڪري روينيو ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو، سوشل ميڊيا ??يم وٽ اهڙي مهارت آهي جي??ا پيشيواراڻي ذميواري ادا ڪرڻ کانسواءِ روزاني زندگي ۾ انهن جي تمام گهڻو ڪم ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون سال شروع ٿيڻ تي سوشل ميڊيا ??يم سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيندي ڪيو. سيڪشن ا??چارج عارف حسين لاشاري ۽ نائب انچارج عباس شگري ايم ڊي محمد عاصم کچي کي پنهنجي ??يم پاران گلدستو پيش ڪيو ۽ چيو ته ??وهان جي رهنمائي ۽ سرپرستي کانسواءِ هڪ قدم به اڳتي وڌڻ مشڪل هو. توهان سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ??يم کي نه رڳو ڀرپور اعتماد ڏنو پر انهن کي بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪيون جنهن جي ڪري اسان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو مليو. توهان جا انتهائي ٿورائتا آهيون جو توهان هن سيڪشن جي لاءِ خصوصي وقت ڪڍيو.